مان ۽ خدا ( قسط نمبر :1)

Published from Blogger Prime Android App

مان ۽ خدا ھڪ اھڙو ناول آھي جيڪو اوھان کي حيرت جي سمنڊ ۾ وٺي ويندو۔  اڻ پچيل پروليون کولي سمجھائيدو جيڪو ھڪـ جھوپڙي کان وٺي محل جي سوچ جي مينار تائين لوڏي چڏيندو عشق، محبت، جنون، سڪون ۽ بغاوت کان ٿيندي ھڪ نئين دنيا ۾ وٺي ويندو جيڪو اوھان کي سوچڻ تي نـ عمل ڪرڻ تي به مجبور ڪندو انھي ۾ توھان تلخ ڳالھيون ضرور ٻڌندو، ليڪن ناول جي  پوري ٿيڻ تي سڄي ڳالھ واضي ٿي ويندي. تنقيد اوھان جو حق آھي پر فتوي نـ! ايتري تائين ما پنهنجي ڳالھ واضي ڪيان. وڌ کان وڌ ٻئي تائين ونڊيو. ليڪن منهنجي محنت ٿي ڌارو نـ ھڻو بلڪـ منهنجي ھمت افزائي ڪيو.

مان ۽ خدا
مصنف: تيمور اجمل 
مترجم: سعداللّٰه سومرو 
قسط نمبر پھريون-

(منظر 1) 

          اچانڪ اکين جي اڳيان اونداهي اچي وئي. روشني ايتري تيزي سان وئي ھلي جئين  ايتري تيزي سان وئي نـ ھجي. ٿورو ھوش ۾ آيس تـ سمجھ ۾ آيو٠ جنھن گاڏي ۾ اھو سوار ھيوـ اھا ھاڻي حادثي جو شڪار ٿي وئي ۽ان سان گڏ ان ھلڪي بيھوشي محسوس ڪئي! پر باھ جي آواز ٻڌندي ئي ان جي بدن ۾ عجيب ڦرڻي اچي وئي ۽ سارا مسافر گاڏي کان ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ ردجي وياـ انھن صرف پنهنجو پاڻ کي ڏٺو شايد اسان کي قيامت جي جھلڪي نظر اچي رھي ھئي يا! وري ڪنهن گناھ جي سزا ! ليڪن نـ ! نيڪيون بـ ھيون ـ پوء انعام جي بدلي سزا ڇو؟ ليڪن نـ تـ ھي گناھ جي سزا ھئي ۽ نـ ئي نيڪي ۾ دفاع جي طاقت ھئي ـ منهنجي زندگي تـ ھاڻي تائين ان جي وجود جي شڪ ۾ گزري رهي هئي پر اڄ ھي منھنجي سوچ ۾ نـ ڄاڻ ھو منھنجي سوچ ۾ حاوي ٿي چڪو ھو شايد ھي اثر ھيوـ انھن مسافرن جي آوازن جو جيڪي مسلسل پنهنجي خدا کي پڪاري رھيا ھئا پر مان ھي بـ ٻڌو ھو جيڪو ٿيندو آهي خدا جي مرضي سان  ٿيندو آهي تـ سڀ ڄاڻيندي ئي ان کي ڇو پڪاري رھيا ھئا؟ ھي شايد سڀ انھي تـ ڪيو ھيو. ڇا اھو صرف انھن جي پڪار ٻڌڻ چاھيندو ھوـ ليڪن ھي سڀ اھو تڪليف ڏئي ڇو ڪري ٿوـ ھزار رستا ٿي سگهن ٿا ـ يا شايد گاڏي ھلائڻ واري جي غلطي ھئي ـ ليڪن ھي غلطي اڄ ئي ڇو؟ انھي جي غلطي جي سزا اسان کي ئي ڇو؟اسان ڪئين پنھنجي زندگي جي ڏوري ڇڪي ورتي پر انهيَ اسان کي مجبور نـ ڪيوـ ھي سڄو ڪجھ ئي تـ اسان پاڻ ڪيو ھيوـ ليڪن اچانڪ ھڪ ڌماڪي جي آواز گونجي ٿي پوءھڪ عجيب سڪون محسوس ٿيندي ئي اکيون بند ٿيڻ لڳن ٿيون
           
(منظر 2)

ٽرين پوري رفتار سان پنهنجي منزل طرف روانو آھي ـ چانڊوڪي رات جئين گھري خاموشي اڃان وڌيڪ پرڪشش ڪري رھي آھي اچانڪ ڪنھن جي آواز سان اھو خيالن جي دنيا مان ٻاھر آيو ـ
     ادا! توھان جو موبائل ڪري پيوـ سنڀاريوس,ڪو کڻي نـ وڃي! ۽ ھي چئي سامان واري سيٽ تي ويھي رھيو•
         انھي مشڪندي انهيَ جو شڪريو ادا ڪيو پوء انهيَ شخص ڏانھن ڪنهن بھاني ڏسندو رھيو شايد ان جو شبيھ ئي عجيب قسم جي ھئي. جيڪا شئ ان کي پريشان ڪري رھي ھئي۔ اھا ھي ھئي تـ ان عجيب حليي باوجود ھي ماڻهو ڪئين ايماندار ٿئي سگهي ٿو پوء اھو سوچيندي سوچيندي ننڊ جي جھان ۾ گم ٿي ويوـ ائين جو دنيا جو ھر خدا نيڪي تي انعام ڇو ڏيندو آھي ڇو جو برائي بـ ان پيدا ڪئي ـ جڏھن ڪو ماڻهو برائي ڪري ٿو تـ انهيَ تي شيطان جي ملڪيت ڇو ظاهر ڪيي ويندي آھي ـ ڇا ان وقت خدا جي طاقت ڇو ڪمزور ٿي ويندي آھي يا ٻئي ھڪ جيتري طاقت رکن ٿا ڪڏھن شيطان کڻي وڃي ٿو تـ ڪڏهن خداـ جنھن جي ڪاميابي ھوندي آهي  ان جي ملڪيت ھوندي آهي يا پوء خدا ۽ شيطان ھڪ ئي وجود جا ٻـ الڳ نالا آهن ؟جو مختلف حقوقات تي پنھنجو ليبل ھڻي ڇڏيو آھي ـ ھيئن ڪريو تـ توهان تي ابليس جي حڪمراني, ھيئن ڪريو تـ خدا جي حڪمراني, يا ھي صرف انساني سوچ جي راند آهي؟
         
(منظر 3)

 ھو ان حسين پھاڙن ۾ ويھي دل ئي دل ۾ خوش ھيوـ جو مان مخلوق سان محبت ڪري ڇڏي ھاڻي آئون خدا جي محبت حاصل ڪري وٺندس, پر اچانڪ  فائرنگ ۽ جسم ۾ پيدا ٿيل درد جي ڪري ھو خيالات جي دنيا کان ٻاھر اچي ٿوـ ان کي اھو ئي آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو تـ مري ويو ھوندو, ٺيڪ! ڪنهن ڏسي ورتو تـ مسلئو ٿي ويندو. 
 آواز ختم ٿي ويا ھئاـ ليڪن ان جي اندر ھڪ چيخ و پڪار شروع ٿئي وئي اھو اھوئي سوال خدا کان پڇي رھيو ھيو تـ تون تـ سڀ ڪجھ ڏسي رھيو ھئين مان تـ تو تائين پھچڻ چاھيوـ زمانو جنهن کي نيڪ ٻانهون چوندو آهي انهن ئي مون کي چيو ھيو تـ مخلوق کان ٿي رستو خدا تائين پھچي ٿوـ ڇا؟ عورت تنهنجي مخلوق نـ آھي٠ مان تـ مخلوق سان محبت ڪرڻ چاھيوـ تون ئي منهنجي دل ۾ عورت جي محبت وسائي آهي, دل تـ تنهنجي دست قدرت ھيٺ آهن نـ ! يا نـ ؟ تون تـ ڄاڻي ٿو منهنجي محبت پاڪ آهي ـ ھي شايد تون ڄاڻي ئي نـ ٿو؟ تون تـ شھــ رڳ کان بـ ويجهو آھين ـ يا ھي صرف دلاسو آھي جو ڪنهن دانشمند ڪنهن ڪمزور کي اميد ڏيڻ لاء ڏنو ھيو٠ جيڪڏهن ڄاڻي ھا تـ ھي سب ڇو ٿئي ھا ؟ ھي شايد تون ڪجھ ماڻهوَ چوندي رکيا آھن. ڇو جو تون جن سان صرف محبت ڪرڻ چاھين ٿو ان کان ان جي نسل سان؟ تون اھو فرق؟ ڇو رکيو آهي بلڪـ اسان انسانن کان تنهنجي تقاضا انصاف ۽ برابري جو آهي•
 
(منظر 4)

    اھو پنهنجي بندوق تنھنجي ڪلھي تي رکيون ھوشيار ويٺو ھيو۔  جو اچانڪ ان جي سامهون ٻوٽن جي ھلچل محسوس ٿي۔  ۽ انھئ بندوق جي گولي ھلائي ڇڏي سامهون کان ھڪ آواز ٻڌڻ ۾ آئي۔  اي خدا!!! سپاهي وري بندوق تاڻي تيار ٿيو۔  ۽ بس! اتي بلڪل خاموشي ھئي۔  اھو وري دشمن تي وار ڪرڻ لاء ويٺو ھيو۔  ليڪن ان سان گڏ ئي ھو ھڪ اھڙي سوچ ۾ گم ٿي ويو۔  جو ھي مذهب جي پويان ھي جنگ ڇو؟ جڏهن مان گولي ھلائي تـ موکي خدا ياد آيو۔  جنھن کي گولي لڳي ان خدا کي پڪاريو۔  ليڪن شايد خدا کي منهنجو دين پسند ھيو۔  پر انهيَ جو نـ ! انهيَ لاء خدا ان جي پڪار تي ان کي نـ بچايو۔  يا شايد اسان ٻئي دين تي غلط ھياسين۔  خدا ڪنهن ٻي دين واري سان گڏ ھيو۔  انهيَ لاء خدا ان معاملي جنهن جي لٺ ان جي منھن ٠(جس کی لاٹھی اس کی بھینس) تي ڇڏي ڏنو۔  ليڪن خدا سامهون اچي جنگ بدي ڇو نـ ٿو ڪرائي۔  يا ان کي ھي خونريزي پسند آھي؟ جيڪڏهن ھڪ مذھب وارو ٻي مذهب واري جي ھٿان مري تـ ان جا ھم مذهب ان کي شھيد چون ٿا۔  ۽ غير مذھب وارا چون ٿا تـ جھنمي ٿي مري ويو۔  يا سب مذھبن وارا شھيد آھن يا وري سارا جھنمي آھن يا وري بس سڀ انسان پنهنجي بيوقوفي ۾ ڪري رھيا آهن۔  عقلمند انسان صدين کان پنهنجي مقصدن لاء وڙھي رھيا آھن ۽ انهن جي ذهن سازي مقدص مذھبي مقصد تي ڪئي وڃي ٿي۔  جڏھن ڪو ٿورو عقلمند ٿي انهيَ مقدص مذهبي مقصد تي ڪري انهيَ کي ڪافر قرار ڏئي ماريو وڃي ٿو۔  شايد ھي دنيا ئي ڪافرن جي آهي ھتي ھڪ مذهب وارو ٻي کي ڪافر چئي ٿو تـ ٻي مذهب ٽئين کي ايتري تائين جو ھي ڪافر جو گول دائرو ھلي ٿو۔  جئين ھي گول دنيا ھلي رھي آهي اچانڪ وري باڊر پار کان فائرنگ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ھو جوابي فائرنگ ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا•
    
(منظر 5) 

   اھو قبيلي جي سردار سان ڳلي لڳي روئي رھيو ھيو۔  سردار انهيَ کي وري وري اھو ئي سمجھائي رھيو ھيو۔  پٽ! پلاند وٺڻ اسان جو حق آھي۔  توهان جنازن کان واندا ٿيو اسان پلاند ضرور وٺنداسون۔  اھو پنهنجي  پئ ۽ ٻن نوجوان ڀائرن کي دفنائي گهر موٽي آيو۔  اڄ اھو مڪمل بي گهر ٿي چڪو ھيو ڇو جو ان جو اڌ خاندان پھريان ڪنهن نامعلوم بم ڌماڪي ۾ مارجي چڪا ھئا باقي  بچيل رياستي فوجن جي ھٿان مارجي چڪا آهن۔  ان کي صرف ايترو ٻڌايو ويو تـ اھي مئا نـ آھن پر پنهنجي حق جي لاء وڙھندي ماريا ويا۔  اھو حق جيڪو خدا انھن کي ڏنو ھيو ۽ انهن جي ھم مذهب دوستن انهن کان اھو حق کسيو ھيو۔  اھو ھي سوچيندي سوچيندي دانهن ڪري اٿيو۔۔۔  اف خدا ھي تماشو ڇو؟ ھڪ طرف تون چئين ٿو تـ پنهنجي حق لاء وڙھو ۽ ٻئي طرف اسان جھڙا نوجوان پنهنجي حقن لاء وڙھن ٿا ۽ اسان کي غدار چئي مارڻ وارا بـ تنهنجي دين جو حوالو ڏين ٿا۔  تنهنجو وجود ئي ناھي اي! خدا مان ھاڻي ان عقلمند جي چال سمجهي چڪو آھيان جيڪو ان پنهنجي  سلطنت بچائڻ لاء کيڏيو ھيو۔  ھا! مان سمجهي چڪو آهيان تـ انهيَ قيامت جو تصور ڇو ڏنو ھيو۔  انهيَ ڪري جو مظلوم ڪڏهن بغاوت ڪري طاقتور نـ ٿي وڃي۔  اسان جھڙن کي ڪنهن نـ ڪنهن شئ جو دلاسو ڏي ٿو۔  قيامت جي ڏينهن خدا انصاف ڪندو۔ 
   انهيَ جي چھري تي ھڪڙي وکري مسڪراھٺ ھئي جنهن ۾ مرڻ جا ڳوڙھا لڪل ھئا۔  پر ڏاڍو منجھيل ھيو۔  ان جي مسڪراھٺ  ڏاڍي طاقتور لڳي رهي هئي ۔ جئين ان ڪائنات جا سمورا راز سمجهي چڪو ھيو•
   
(جاري آھي)

Comments

Popular posts from this blog

Yo y Dios (Episodio 1)

Yo y Dios (Episodio 12)