مان ۽ خدا ( قسط نمبر :2)

 

(مان ۽ خدا ھڪ اھڙو ناول آھي جيڪو اوھان کي حيرت جي سمنڊ ۾ وٺي ويندو۔ اڻ پچيل پروليون کولي سمجھائيدو جيڪو ھڪـ جھوپڙي کان وٺي محل جي سوچ جي مينار تائين لوڏي چڏيندو عشق، محبت، جنون، سڪون ۽ بغاوت کان ٿيندي ھڪ نئين دنيا ۾ وٺي ويندو جيڪو اوھان کي سوچڻ تي نـ عمل ڪرڻ تي به مجبور ڪندو انھي ۾ توھان تلخ ڳالھيون ضرور ٻڌندو، ليڪن ناول جي پوري ٿيڻ تي سڄي ڳالھ واضي ٿي ويندي. تنقيد اوھان جو حق آھي پر فتوي نـ! ايتري تائين ما پنهنجي ڳالھ واضي ڪيان. وڌ کان وڌ ٻئي تائين ونڊيو. ليڪن منهنجي محنت ٿي ڌارو نـ ھڻو بلڪـ منهنجي ھمت افزائي ڪيو.)


مان ۽ خدا

مصنف: تيمور اجمل 

ترجم: سعداللّٰه سومرو

قسط نمبر : 2 


(منظر 1)


ان جي اک کلي ان پنهنجو پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺو گڏ بيٺل نرس کي ھو سواليـ نظرن سان ڏسي رھيو ھو٠ان کان پھرين ھو ڪجھ ڳالھائي نرس پھرين ئي ڳالهيو، اوھان کي ھلڪو ڌڪ لڳو آهي٠ جنهن جي وجھ سان اوھان بي حوش ٿي ويا ھئا٠ ان کان پھرين نرس ڪجھ ڳالھائي ان پاڻ ئي چيو، ۽ اھو جيڪو ڌماڪو ٿيو ھيو؟ ۽ ٻين مسافرن جو ڇا ٿيو؟

نرس ھلڪو مسڪرايو ۽ چيائين ته جنھن کي رب رکي ان کي ڪير چکي؟

اھا ڌماڪي جي آواز جيڪا ٻڌي ھئي، اھا ان گاڏي جي ھئي جنھن ۾ اوھان سوار ھئا ان ٽائر جي ھئي جيڪو اچانڪ ڦاٽي پيو ھو٠ 

۽ ان پوء سوال پڇھيو باھ ۽ باقي مسافر؟


نرس"اگر مان اتي ھجان ھا تـ اوھان جي بيھوش ٿيڻ کان پھرين اوھان جي ويڊيو ٺاھيان ھا، تاڪي اوھان جي سڀني سوالن جو جواب ڏئي سگھان ھا٠ پر آئون اتي موجود نـ ھيس ۽ باقي مسافر الله جي مدد سان ٺيڪ آھن"ـ


خدا!!! ھو ھي لفظ ٻڌندي ئي ٻيھر حيرت ۾ پئجي ويو٠ 

مطلب اللّٰه انھن جي ٻڌي ورتي مطلب اللّٰه آهي مطلب بھلائي غالب آچي وئي، گناهن جي سزا نـ ملي مگر خدا کي ثابت ڪئين ڪيان؟

ٿوري دير گالھائيڻ کان پوء ھو دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو اگر خدا آهي تـ ان پنهنجي وجود کي ثابت ڪرڻ لاء عقل بـ پيدا ڪئي ھوندي. پر آخر مان اھو شخص ڪٿي ڳوليان؟ جيڪو ڪير منهنجي سوالن تي مونکي لعنت ڏيڻ کان سواء جواب ڏئي سگهي ؟

اي خدا مونکي روشني ڏيکار نـ چاھندي بـ ھو اللّٰه کي فرياد ڪري ويٺو٠

اسپتال کان دسچارج ٿيڻ کان پوء ھو خدا جي تلاش ۾ نڪري پيو ان کي خبر نـ ھئي تـ اھو ان کي ڪئين ڳولي! اھي سوال ان لاء نوان نـ ھئا اھو ھر مذهب جي پيشوا کان پچھي چڪو ھو پر بدلي م۾ ان کي گمراھي مان ڊڄاريو ويو ان کي مذهب جا حوالـ ڏنا ويا ڇو جي طلب ھميشـ کان عقلي ھئي پوء آخرڪار ھن پاڻ سان مخاطب ٿيڻ جو سوچيو پر ھو پنهنجو پاڻ کان ڪھڙي جواب حاصل ڪري سگھندو اگر ان وٽ جواب موجود آهن تـ سوال ئي پيدا ڇو ٿيا اھو مڪمل بي وس ٿي چڪو ھو ۽ پنهنجو پاڻ کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان ميز مان چاڪو ڪڊيو!

اچانڪ ھن خيال جي اچڻ سان ھو رڪجي ويوـ ھي چاڪو ڪنهن ٺاھيو؟ ھي بغير مالڪ جي وجود ۾ ناھي آيو٠ ھاڻي ھو ھيڏان ھوڏان نظر گھمائي رھيو ھيو ھن کي ھر شئي ڪنهن نـ ڪنهن مالڪ جو وجود نظر اچي رھيو ھو ڪجھ ملڪ لڪيل ھئا تـ ڪجھ واضح،

واھ خدا واھ شايد تون ڄاڻيندو ھئين تـ انسان تنهنجي وجود تي شڪ ڪندا تڏهن تون بـ انهن کي تخليق ڪرڻ جي طاقت ڏني تون انسان جي اندر ئي ان جي سوالن جا جواب رکيا ھا تون آھين پر لڪيل آھين تو کي ڏسي نـ ٿو سگهجي جئين مان ھن چاڪو جي مالڪ کي نـ ٿو ڏسي سگھان پر ان جو اھو مطلب ناھي تـ مان ھن جي مالڪ کي نـ ٿو ڏسي سگھان ھن چاڪو جو مالڪ ناھي چاڪو جو موجود ان ڳالھ جي گواھي آھي تـ ان جو ٺاھڻ وارو موجود آھي خدا تون حقيقت آھين مان توکي ھڪ فلسفي سان ثابت ڪرڻ چاھيان ٿو جڏھن تـ فلسفو ھڪ سوال آھي٠ جيڪو ھر جواب تي ٻيھر پيدا ٿئي ٿو٠ فلسفي جي ڪا بـ منزل ناھي ھي انسان کي چريو ڪندو آھي ھاڻي انسان چاھي تـ جواب يعني حقيقت چونڊي يـ پوء سواليا فلسفو چونڊي٠ حقيقت ناھي بدلندي فلسفو حقيقت کي ناھي بدلي سگهندو ڇو تـ سوال بدلي سگھجن ٿا ڇو جو سوال ۾ صحيح غلط جي تميز ناھي پر جواب سھي ھجن تـ مطمئن ھوندو آھي ۽ اگر غلط ھجن تـ صحيح ٿي سگھن ٿا٠ خدا جي حوالي سان صحيح جواب اھو ئي آهي جنهن جي گواھي انسان جي تخليق ڪيل شيء يا وجود نـ ڏي٠ بلڪي انسان جنھن کي تخليق نـ ڪري سگهي اھي ڏين ۽ اھي گواھي ڏين ٿا ته انهن جو مالڪ موجود آهي ائين ئي چاڪو جو وجود حقيقت آهي مان ھن چاڪو جي مالڪ کي ڏسي سگھان يا نـ پر مان منـھ نـ ٿو ڪري سگھان٠ ان دنيا ۾ ھر شيء خود بـ خود وجود ۾ ناھي آئي٠ نـ ھي وڏيون عمارتون نـ ھي ھٿ ۾ پڪريل موبائل نـ ھي انٽرنيٽ جا سگنل حلانڪـ مان ان سگنلن کي ڏسي نـ ٿو سگھان پر مان ان جي حقيقت کي تسليم ڪريان ٿو ھي شيون جن مان مان ڪنھن شيء جي وجود کي ڏسي سگھان ٿو ۽ ڪجھ جي وجود کي نه تـ موکي تنهنجي وجود تي ئي يقين آهي پر خدا توکي ڪنهن ٺاھيو؟ تون ھڪ آھين يـ تنهنجو وجود ھڪ کان زيادھ آھي ؟ تنھنجو ڪوئي پٽ آهي ؟


(منظر 2)


ادا سائين! 

اھو اچانڪ پنهنجي سوچ جي وادين مان ٻاھر اچي ويو ۽ جواب ڏنائين

"جي"

ڪھڙي سوچ پريشان ڪري رھي آھي؟ تـ مان ايماندار ڪئين آھيان؟ يا منهنجو حليو ۽ حرڪت جو فرق اوھان کي پريشان ڪري رھيو آھي؟ ان جواب ڏنو برو نـہ مڃجو٠

"پر ٻئي نہ"

اھو خراب حليي وارو شخص ھلڪو مسڪرايو ۽ جواب ڏنائين شئين کي ۽ حرڪتون کي ٻن شيئن ۾ توربو آھي پنهنجي تجربات يا پوء ٻين کان ٻڌل تجربات (قصا/ڪھاڻيون) پر دراصل اھي غلطي ڪري رھيا ھوندا آھن٠ تجرڀا ماضي جا ھوندا آھن ۽ حرڪتون حال جيون، انهيَ طرح جئين ماضي ھوندو آھي حال کي مجبورن اھو ئي ٿيڻو پوندو آھي، جڏھن حال ماضي جي وجود تي قائم ٿي پوندو آھر اھو ئي حال اسان جو مستقبل بڻجندو آھي يعني ماضي نـہ صرف حال تي قابض ٿيندو آھي بلڪي ھو مستقبل کي وجود ۾ اچڻ ئي ناھي ڏيندو ڇاڪاڻ جو ان جي بنياد ماضي ٺاھي ويندي آھي اسان جو حال ماضي جي زنجيرون ۾ ھمیشہ جڪڙيل ھوندو آھي ان لاء اسان جو حال ڪڏهن به بدلندو ناھي ۽ جڏھن اسان جو حال ناھي بدلبو تـ اسان جو مستقبل ڪڏهن جنم ئي ناھي وٺندو٠ مان اھو ناھيان چوندو تـ تجربا بيڪار ھوندا آھن بلڪي اھا وڏي ڪم واري شيء آھي اھو تڏھن جڏھن انسان علم ۽ شعور سان ڀريل ھجي ھر مشڪلات ۾ سوچڻ جي صلاحيت رکندو ھجي اھو تجربن جي بنا تي ھوشيار ضرور رکو فيصلا نـ وٺو۔ بلڪي فيصلن کي ماضي جي قيد مان آزاد ھجڻ کپي ڇو جي ھر نئي حرڪت پراڻي حرڪت کان مختلف ھوندي آهي البتہ! انھن جي شڪل صورت ھڪ ھوندي آھي ليڪن ان جي وجود ۾ اچڻ جي وجـہ يا ھروڀرو ڪرڻ جي پويان ھر نيت الڳ ھوندي آھي جنھن ڏينھن اسانذ شين حرڪتون کي صحيح ۽ غلط جي زاويـي ۾ تورڻ شورع ڪري ڇڏيو ان ڏنھن سوال شخصيت تي نہ حرڪتون تي ٿيندا٠ ان سان امن بـ ٿيندو ۽ محبت بـ وڌندي ليڪن پر ياد رکجان جنھن حرڪت جي موجودگي اوھان ۾ زيادھ ھوندي اھا ئي اوھان جي شخصيت ٿيندي ۽ اھيو فيصلو معاشرو ڪندو تہ اوھان جي شخصيت ڇا آھي؟ ۽ ھاڻي اندازو لڳايو مون ۾ زيادھ حرڪت اثر زياده بھڪاري يا چورن وارو آھي٠ ان لاء تون منهنجي شخصيت جو جلدي اندازو لڳايو٠ تنهنجي دماغ ۾ موجود توکان فيصلو ڪرايو ھاڻي جڏهن تون منهنجي شخصيت جو اندازو ڪري ڇڏيو ھو اچانڪـ مان پنهنجي شخ شخصيت جي خلا خلاف حرڪت ڪري ڇڏي جنھن سان تنھنجي تجربن تي سوال ڪري ڇڏيا، تنھنجي دماغ ۾ جيڪي پراڻا تجربا محفوظ آھن انهن کان ٿوري دير لاء پري ٿي وڃ يا ماضي کي وساري ڇڏ، تنهنجو دماغ فوري طور تي نئي تجربي کي قبول ڪندو تـہ ھڪ چور ۽ بھڪاري جي حليي ۾ ايماندار انسان ٿي سگهي ٿو ڄاڻي ٿو ائين ڇو ٿيندو؟ ڇو جي تون پنهنجي دماغ ۾ حڪومت ڪرڻ واري ماضي جي تجربن کي مات ڏئي ڇڏيو ھوندين، ھڪ وقت ۾ ھڪ زمين تي ٻـہ حڪومت قائم نـ ٿيون رھي سگهجن٠ ھميشـہ جنگ جول جاري رھندي آهي ھڪ منظم نظام قائم ناھي ٿي سگهندو٠ اگر تون منظم نظام قائم رکڻ چاھين ٿو تـہ توکي ھڪ ئي حڪومت قائم ڪرڻي پوندي يا ماضي جي يا حال جي، ماضي جي حڪومت ٿوري فسادي ھوندي آھي ليڪن پٽ ان کان بغير تون حال جي حڪومت قائم ڪري وٺندين ليڪن اھا ڪمزور ھوندي ۽ بار بار ٽٽندي٠

  تـ جناب مان ڇا ڪيان؟ اوھان موکي ماضي جي حڪيومت کان منع ڪري رھيا آھيو ۽ حال جي حڪومت کان بہ تنبيهه ڪري رھيا آھيو پٽ توکي وچ وارو رستو اختيار ڪرڻو پوندو توکي ماضي جي حڪومت جي مٿانهن حال جي حڪومت قائم ڪرڻي پوندي٠

تـ جناب اسان سان جنگ وجدل نـ ٿيندو؟

پٽ تون سمجهين نه توکي ھاڻي ماضي جي حڪومت کي مخصوص اختيار ڏيڻو پوندو ۽ ھڪ قانون ٺاھڻو پوندو فيصلو حال جي حڪومت ڪندي پر ان ۾ ماضي جي مشورن کي بہ مدنظر رکيو ويندو٠ ان سان ماضي جو عزت نفس بـ بچي ويندو ۽ تون ھج توازن رکي سگھندين جنھن ۾ تون ھڪ زمين جو نـ بلڪي تنھـــنجو دماغ ھوندو اتي قائم ڪري ڇڏيو ھوندو تـ پوء ترقي ايندي جيڪو توھانجو مستقبل ھوندو٠

  ڏس پٽ مستقبل ھڪ ڪاروباري بندي وانگر ھوندو آھي اھو اتي ايندو آھي جتي امن ھوندو آهي  


 ھو ھاڻي دل ۾ سوچي رھيو ھو تـ ھي ماڻهو دانيشور معلوم ٿيندو آھي ھي منهنجي سوالن جو جواب ڏئي سگھي ٿو٠


 جناب! ھي خراب حليي واري شخص سان مخاطب ٿيو.


 جي پٽ! 


جناب اوھان جو نالو ڇا آھي؟


(منظر 3)


جڏهن ان اک کھولي ان پنهنجو پاڻ کي پوشيده ڪمري ۾ پايو ٠ جڏھن ھن کي درد جي ھلڪي ٺھيس محسوس ٿي ھو درد سان ھلڪو چلايو٠ 

 اچانڪ ھڪ ظعيف ليڪن پر اعتماد عورتاڻي آواز گونجي.

 پٽ آرام سان خطري جي ڳالھ نـاھي ليڪن زخم ايترا مظبوط ناھن ٿيا. جو تون حرڪت شروع ڪرين مان رت وڏي مشڪل سان روڪي آهي اگر ٻيھر شروع ٿي وئي تہ آئون روڪي ڪون سگھندس 

نوجوان مخاطب ٿيو اوھان ڪير آھيو؟ اوھان جو نالو ڇا آهي ؟ پٽ مان ڪير آھيان ان جو جواب تو کي بعد ۾ ملندو 

البتہ منھنجو نالو سليمہ آهي  

۽ آوھان جو؟ 

سليمہ خاتون مان ھتي ڪئين پھتس؟ ۽ اوھان اتي اڪيلي ڇو رھندا آھيو ان پھاڙن جي وچ ۾؟پٽ عمار: مان معمول جي مطابق ٻڪريون چرائيندي ھيس تـ اتي مون رت ۾ لت پت تون ملين مون تنهنجي مدد ڪرڻ جو سوچيو ۽ توکي اتي وٺي آيس٠ 

   ليڪن محترمہ اوھان منهنجي مرحم پٽي ڪئين ڪئي؟ 

ھاھاھا پٽ ھن گمنام وادين ۾ گمنام ٿيڻ کان پھرين مان ھڪ طبيبہ ھيس٠ 

گولي صرف توکي چوھي (touch) ڪري گزري وئي ھئي ان لاء موکي تنهنجي علاج ڪرڻ ۾ مشڪل پيش نہ آئي ٠ 

ليڪن محترمہ اوھان اتي ڪئين؟

عمار: آئون تـ خدا جي تلاش ۾ نڪتو ھيس ڪنهن ٻڌايو ھو تـ مخلوق سان محبت خدا تائين پھچائي ٿي پر اھو نہ ٻڌايو تہ مرد جي محبت يا عورت جي محبت خدا تائين پھچائي ٿي٠ 

سليمـ: اڇھا ٿـ پوء تنهنجي اصل تلاش خدا آهي ٠

موکي ڪنهن اھيو رستو ٻڌايو ھو مان ان رستي تي ھليس ۽ مان مرد سان محبت ڪئي ان منهنجي محبت جو فائدو ورتو٠ نـ مان گھر واپس وڃي سگھندي ھيس نہ ئي معاشري ۾ رھي سگهندي ھيس٠ عمار تـ پوء مان پنهنجي سفر کي جاري رکي اتي اچي ويس٠

عمار: تـ ڇا اوھان کي خدا مليو؟ 

سليمہ ! ھا پر رستو اڃان اڳتي طويل آھي ٠ 

ھاڻي پاڻ ٻئي ھڪ ئي منزل جا مسافر آھيون٠ پھرين مان توکي تنهنجي مقام تي پھچائندس پوء باقي جو سفر پاڻ گڏ ڪنداسين٠

عمار: ليڪن منهنجي ان محبت جو ڇا ٿيندو• جيڪو مان خدا جي خاطر ان جي مخلوق سان ڪئي ھئي؟ ڇا موکي سڀ ڪجھ ڇڏڻو پوندو؟

سليمـہ : توکي صبر رکڻو پوندو٠ ۽ حوصلو بـھي توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويندو٠


(منظر 4)


ھو پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪرڻ کان پوء ڪيمپ واپس اچي ويو جتي ان جا ٻيا بـ ساٿي موجود ھئا٠ ان اھي سوال انهن کان پچھڻ جو سوچي ورتو ليڪن جئين ھو ساٿين سان مخاطب ٿيو تـہ سڀني ان جي ڳالھائڻ کان پھرين ان کي مبارڪباد ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي٠ اھو ٿورو حيران ٿيو ليڪن ان جي دوست ان کي خط ھٿ ۾ ٿمائي ڇڏيو٠ جيڪو اعليٰ حاڪمن کان آيو ھو اھو سڀني سان مخاطب ٿيو ھي ڇا آھي؟ 

ان مان ھڪ ساٿي چيو ياسر ادا مبارڪ ھجي لڳي ٿو تہ اعزازي عھدو ملي ويو٠ادا اسان تہ کولي ڏٺو ئي ناھي اوھان پاڻ کوليو٠

ياسر جئين ئي خط کوليو تـہ ان کي ھڪ کي ھڪ جڳھ جو پتو ۽ مقرر تاريخ ملي٠ جنهن ۾ ان کي اتي پھچڻو ھو٠ ساٿين چيس ھي ڇا لکيل آھي؟

ياسر سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيوـ 

ھڪ ساٿي چيو لڳي ٿو تـ تنهنجو ٽرانسفر ٿي ويو آھي٠ ڪنهن ڪجھ چيو ته ڪنهن ڪجھ٠ اچانڪ ھڪ ساٿي چئي ڏنو اڄ سمجھ آيو تـ اسان کي صرف حڪم مڃڻ جو ئي ڇو چيو ويو آھي ۽ پنهنجي سوچ تي ڪوئي وڏو فيصلو لاء ڇو روڪيو ويو آھي اوھان سڀني ڏٺو پاڻ سڀني جي سوچ ھڪ جڳھ تي متفق ناھي ھوندي ان لاء انسان کي ڪنھن ھڪ جي سوچ تي ھلڻو پوندو آھي تاڪي پاڻ طاتقور نہ ٿي سگھون ۽ اسان کي ان ھي سوچ کي چونڊڻ گھرجي جنهن ۾ نظريو ھجي٠ 

وڃو پٽ ياسر جتي بہ وڃو خوش ھجو ياصر جو دل چيو تـ اھو ان شخص کان پنهنجا سوال پڇھي ليڪن ان جي اندر ان جي خوف کي روڪي ورتو ۽ اھو اھي سوال ڀنھنجي سيني دٻائي پنهنجي سفر ڏانهن نڪري پيو٠


(منظر 5)


دنيا ۾ صرف ٻہ طاقتون جو وجود آھي ھڪ صحيح ۽ ٻي غلط۔ جيتري تائين ان ٻنهي مان ڪنهن ھڪ جو وجود قائم نـ ٿيندو ھي دنيا جنگ جو ميدان ٿي رھندي٠ اگر صحيح طاقت غالب اچي ٿي تـ غلط طاقت لاء ھي دنيا جھنم آھي ۽ اگر غلط طاقت غالب اچي ٿي تـ صحيح طاقت لاء ھي دنيا جھنم يعني ان دنيا ۾ جنت جو وجود آھي ئي نہ ڇو جو ھر انسان جو صحيح ۽ غلط کي تورڻ جو زاويو الگ آھي ان لاء خدا اسان کي پھرين ئي ٻڌائي ڇڏيو ڇا صحيح آهي ۽ ڇا غلط تاڪي پاڻ عقلي کھيل ۾ نه الجھون٠ اھو ھاڻي سردار جي ڪمري ۾ موجود ھيو سردار ان جو خون گرمائي رھيو ھو پٽ بدلو تنهنجو حق آھي پوئتي نہ ٿيجان٠

ٿوري دير بعد ڪجھ ماڻھو ڪمري ۾ داخل ٿين ٿا ۽ خالد کي ٻاھر موڪليو ويندو آھي انھن ماڻھن جي وڃڻ کان پوء سردار خالد کي ڪمري ۾ گھرائي ٿو ۽ چوي ٿو ڏس خلد آئون نـ ٿو ڄاڻان تـ ھي ڪڏھن کان شروع ٿيو آھي ھي ماڻهوَ موکان پھريان ئي اتي ايندا ھئا ۽ اسان جي قبيلي جي ماڻھن کي وٺي ويندا ھئا اسان کي اھيو ٻڌايو ويندو ھو تـ ھي اوھان جي پيارن جو بدلو وٺڻ وڃي رھيا آھن٠ موکي ناھي خبر تـ اسان جا پيارا ڇو مري رھيا آھن اڻھن جو ڪھڙو جرم آهي جڏھن ھر بار انھن جي لاش واپس اچي ٿي تـ دل بدلي جي باھ ۾ جلندو آھي ڇو تـ اھي لاشيون پنهنجي پيارن جي بدلي لاء وٺندا آھن سڀاڻي توکي بـ وٺي ويندا پوء تون بـ پنهنجي پيارن جو بدلو وٺندين ليڪن خالد تون خبر وٺجان تـ آخر رياست پنهنجي دشمن ڇو آھي ؟ حلاڪي ھو پنهنجا ھم مذھب آھن ۽ اسان جوـمذھب حق لاء وڙھڻ سکاري ٿو ليڪن اسان جي حق جو اصل چور ڪير آھي ؟ ۽ اسان جو حق اصل ۾ ڇا آھي؟ مان چاھيندو آھيان تون عقل جي سوتي تي ناپو ھر چيز کي 

خالد: جي ضرور سردار٠


(جاري آھي)





Comments

Popular posts from this blog

Yo y Dios (Episodio 1)

Yo y Dios (Episodio 12)