مان ۽ خدا ( قسط نمبر :3)



(مان ۽ خدا ھڪ اھڙو ناول آھي جيڪو اوھان کي حيرت جي سمنڊ ۾ وٺي ويندو۔ اڻ پچيل پروليون کولي سمجھائيدو جيڪو ھڪـ جھوپڙي کان وٺي محل جي سوچ جي مينار تائين لوڏي چڏيندو عشق، محبت، جنون، سڪون ۽ بغاوت کان ٿيندي ھڪ نئين دنيا ۾ وٺي ويندو جيڪو اوھان کي سوچڻ تي نـ عمل ڪرڻ تي به مجبور ڪندو انھي ۾ توھان تلخ ڳالھيون ضرور ٻڌندو، ليڪن ناول جي پوري ٿيڻ تي سڄي ڳالھ واضي ٿي ويندي. تنقيد اوھان جو حق آھي پر فتوي نـ! ايتري تائين ما پنهنجي ڳالھ واضي ڪيان. وڌ کان وڌ ٻئي تائين ونڊيو. ليڪن منهنجي محنت ٿي ڌارو نـ ھڻو بلڪـ منهنجي ھمت افزائي ڪيو.)

مان ۽ خدا
مصنف: تيمور اجمل 
مترجم: سعداللّٰه سومرو 
قسط نمبر:3

(منظر 1)

شايد ھي اھي سوال ھئا جنهن جي جواب موڻ تي مزيد سوال پيدا ٿيڻ جي گنجائش باقي نـ رھندي ھئي پر انھن سوالن جا جواب ڳولڻ ڪوئي اسان ڪم نـ ھو٠ ان کي پنهنجو اھو وقت ياد اچي ويو جڏهن ھو خدا تي ايمان رکندو ھو٠ ھڪ ڏينهن اچانڪ ان ھڪ فيسبڪ تي پوسٽ پڙھي جنھن ان جي ايمان جي بنياد ھلائي ڇڏي. ھائي افسوس ايترو ڪمزور ايمان ھو٠ جو ھڪڙي ھلڪي سوال ان جو ايمان ھلائي ڇڏيو٠ ان جو يقين ڪمزور ڪري ڇڏيو. ان وٽ ٻـ ھي رستا ھئا ٻـ مذھبي دليل قبول ڪري ھا يا عقلي دليل ايجاد ڪري مذهبي دليل جي تابع ڪري ھايا ھڪ ٽيرون رستو جنهن تي ھو ڪڏهن به ھلڻ نـ چاھيندو ھو اھو ھو ملحد ھجڻ٠ خدا جي وجود جو انڪار ڪرڻ ۽ مذهبي دليل ھو ڪھڙي مڃي ھا؟ ڪوئي خدا کي ڪيتري حد تائين تلسيم ڪري ٿو تـ ڪوئي ڪيتري حد تائين اھو مڪمل الجھي پيو ھو ان کي اڄ بـ ياد آھي جڏهن ان اھيو سوال پنهنجي قيبري دوست احباب کان پڇيو ته ان کي اھيو ئي چيو ويو ھو تـ "سڪندر" چپ ٿي وڃ تنهنجي عقل خدا تک پھچي نـ ٿي سگھي. ليڪن ھو انھن کي اھيو ئي سمجھائيندو ھو تـ ھو پنهنجي عقل کي خدا تائين نـ ٿو پھچائڻ چاھي٠ بلڪي مان تـ عقل سان خدا کي مڃائڻ چاھيا ٿو٠
ھاڻي سڪندر ڪجھ مطمئن ھو ڇو جي ھو پنهنجي عقل سان خدا کي تسليم ڪري چڪو ھو ليڪن اڃان بـ سوال باقي ھئا ھو اھيو سوچندي ٻاھر جي طرف نڪري آيو تـ ٿوري تازا ھوا وٺي٠
ھو بازار ۾ ھڪ ھوٽل تي وھي چائي پي رھيو ھوـ 
اچانڪ ان کي فائيرنگ جي آواز ٻڌڻ ۾ آئي. ھو ٿورو گٻرائجي ويو پر ٿوري دير کان پوء فائيرنگ بند ٿي وئي ھو حلات جو جائيزو وٺڻ لاء ٻاھر آيو٠
روڊ تي ان ٻـ لاشون پيل ڏٺيون جنھن کي فائيرنگ ڪري ماريو ويو٠
ھو واپس ھوٽل ۾ آيو ۽ ھوٽل واري کان پچھيوس: ڪير آهن اھي جنهن کي ماريو ويو؟ 
ھوٽل وارو: ھڪ علائقي جو سياستدان آھي جيڪو يقينن کٽڻ وارو ھو٠
سڪندر: ۽ ٻيو؟
ھوٽل وارو: ٻيو ان علائقي جو امير شخص ھو٠
سڪندر: انهن کي ڪنهن ماريو ھوندو؟
ھوٽل وارو: سائين يا تـ ڪنھن اقتدار جي خاطر ماريو ھوندو ۽ ٻي کي ان جي پٽ پئسي جي لالچ ۾ ليڪن يقيني طور تي ڪجھ بـ نـ ٿو چئي سگھجي٠
سڪندر: خدا خير ڪري٠
سڪندر ھاڻي ھوٽل کان ٻاھر آچي چڪو ھو ۽ پارڪ جي طرف وڃي رھيو ھو ۽ ان ساري واقعي جي باري ۾ سوچي رھيو ھو٠ ھو پسرڪ ۾ لڳل ھڪ بينچ ٿي ويٺو ۽ آس پاس جي منظر مان لطف اندوز ٿيڻ لڳو٠ تـ اچانڪ ھڪ خيال ان جي دل ۾ آيو٠ ڇا دنيا جو نظام اڄ تائين بدليو آھي؟ سج ڏينهن جي شان ۽ چنڊ رات جي جان بدستور رکيل آھن پنهنجو وجود. وقت جو ڦيتو ھلي ئي رھيو آھي خدا ھڪ ئي آھي ٻـ يا ٻن کان مٿي ھجن ھا تـ اقتدار جي جنگ ھجي ھا٠ ھر خدا پنھنجي الگ سلگ مخلوق ٺاھي ھا٠ ۽ اھا مخلوق واڻ ۾ وڙھندي رھي ھا٠ جنهن خدا جي مخلوق کٽي وڃي ھا اھو خدا طاقتور ھجي ھا٠ خداھن جي الگ سلگ مخلوق ھجي ھا٠ ظاهري ڳالھ آھي ھر خدا چاھي ھا تـ ان جي مخلوق سڀني کان اعليٰ ظاھر ھجي٠ اگر خدا جو پٽ ھجي ھا تـ ھو ضرور نظام ۾ تبديلي آڻي ھا٠ اھو سج کي ڏينهن جي بجائي رات جو ڪڍي ھا٠ ليڪن نـ ئي نظام بدليو ۽ نـ ئي الگ مخلوق دريافت ٿي٠ يعني خدا جو ڪوئي پٽ ناھي ۽ اگر پٽ ناھي تـ خدا جو ڪوئي پي َ بـ ناھي ڇو جو اگر پٽ ھجي ھا تـ ڪائيناتي نظام بدلائي ھا٠ ليڪن اڄ تائين ڪائينات جو ھڪ اصول بھي ناھي بدليو٠ ۽ اگر تسليم ڪري بـ وٺجي تـ خدا جو ڪوئي پئ يـ پٽ آھي تـ ان طرح خداون جو ھڪـ معاشرو وجود ۾ اچي ھا٠ يعني ھن طرح تـ خدا بـ ھڪ مخلوق چورائيبي٠ ۽ مخلوق ٻي مخلوق ڪئين ٺاھي سگهي ٿي؟ اگر ٺا ھي سگهي ھا تـ اڄ انسان ھزارن مخلوقن جو خدا ھجي ھا٠۽ جڏهن ھر ڪوئي خدا ھجي ھا تـ مخلوق جو تصور ئي ختم ٿي وڃي ھا ۽ جڏھن مخلوق جو تصور ختم تـ پوء خدا کي خدا ڪير چئي؟ زيادھ الجھون نـ ٿا آسان زبان ۾ سمجھڻ جي ڪوشش ڪرون ٿا٠اگر توھان ڪنهن به شئ جي ايجاد ۾ وڃو تـ اوھان ان جي مالڪ جي حوالي سان مطمئن ٿي ويندؤ٠ ليڪن ايجاد ڪرڻ واري جي حوالي سان نـ ڇو جي جڏهن ڳالھ ايندي آھي ايجاد جي تـ انساني عقل ڪنھن کي حتمي ايجاد ڪرڻ وارو ناھي سوجھندي آھي٠ ھي موبائل جيڪو اوھان جي ھٿ ۾ آھي٠ اوھان اھيو تـ ان جا مالڪ ليڪن اھان اھيو ايجاد ناھي ڪيو ھلو صرف ان جي اسڪرين تي ئي ڳالهيون ٿا٠ ان کي موبائل ٺاھڻ واري ڪمپني ڪجھ زرات تي وٺي ڪري اسڪرين ٺاھي ڇڏي٠ پر زرات کي ڪنهن ٺاھيو اھيو سوال اچي وڃي ٿو٠ 

(منظر 2)

پٽ منهنجو نالو عاقل آھي٠
۽ اوھان جو نالو ڃا آھي پٽ؟ 
جناب عاقل صاحب منهنجو نالو سعد آھي٠
عاقل صاحب ڪجھ سوال آھن اوھان کان پڇھي سگھان ٿو؟
سعد: جي پٽ ضرورـ
عاقل صاحب دنيا جو ھر خدا صرف ڀھلائي تي ئي ڇو انعام ڏيندو آھي؟ حلاڪي برائي بـ تـ ان ئي ايجاد ڪئي آھي٠ جڏھن ڪوئي بندو برآئي ڪندو آھي ان تي شيطان ۽ ابلرس جي ملڪيت ڇو ظاھر ڪئي ويندي آھي ڇا ان وقت خدا جي طاقت ڪمزور ٿي ويندي آھي؟ يـ پوء ٻئي برابر جي طاقت رکندا آھنڪنهن خدا کٽي ٿو تـ ڪڏھن شيطان جنهن جي فتح ٿيندي آھي ان جي ملڪيت ٿيندي آھي يا پوء خدا ۽ شيطان ھڪ ئي وجود جا ٻـ الگ نالا آھن جيڪي مختلف حرڪتن تي پنهنجو پنهنجو ليبل لڳائي چڪا آھن؟ ھي ڪيو تـ توهان تي ابليس جي حڪمراني ۽ ھي ڪيو تـ توهان تي خدا جي حڪمراني يا ھي صرف انساني سوچ جي ھڪ راند آھي؟ 
پٽ ان سوالن جا جواب تـ بلڪل اسان آھن٠ 
سعد: تـ پوء سائين ڏيو ان سوالن جا جواب٠
عاقل مسڪرائيدي چوي ٿو تـ پوء اچ توکي واري واري تنهنجي سوالن جا جواب ڏيان٠ اھي ٻئي ٽرين جي ڪينٽين ۾ ويھي رھيا ۽ چائي پيندي ئي عاقل صاحب پنهنجي ڳالھ جو آغاز ڪندو آھي 
ڇا ٽرين ۾ سفر ڪرڻ جرم آھي؟ ھا بـ ۽ نا بـ٠ 
ھا ان لاء بغير ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جرم آھي ۽ نـ ان لاء جو ٽڪيٽ سان گڏ سفر ڪرڻ جرم ناھي ھاڻي پٽ غور سان ڳالھ ٻڌ جيڪو پاڻ ٻنھي ۾ مشطرقـ آھي اھو ھي سفر ليڪن پوء بـ پاڻ ان کي مشطرقـ نـ ٿا چئي سگھون ڇو جو تنهنجو سفر قانوني آھي ۽ منھنجو سفر غير قانوني آھي ھلو ڳالھ کي بلڪ آسان ڪري ڇڏون ٿا ھڪ ننڍي مثال سان تـ ڏس خدا ھر شئي کي ڪرڻ لاء ھڪ طريقو ٺاھيو آھي ان طريقي تي اھو ڪم ڪرڻ تي ھو انعام ڏيندو آھي ليڪن ڪوئي بندو ان طرقي کان ھٽي ڪري ڪم ڪري ٿو تـ ھو سزا جو حقدار ٿي ويندو آھي٠ جئين مون توکي مثالن سان سمجھايو ڏس جنهن ھي ڪم ڪرڻ جا طريقا خدا ئي ٺاھيا آھن ليڪن ان ۾ ھڪ کي قانوني قرار ڏنو ٿس ۽ ٻي کي غير قانوني٠ موکي ھڪ ڳالھ سمجھا پٽ تون ان رياست پاڪسان کي سمجھ رياست خدا ۽ دشمن رياست کي سمجھ رياست شيطان ھاڻي جڏھن رياست خدا ۾ جرم جي شرح وڌي ويندي ڇا پوء تون ھي چوندين تـ رياست خدا جي بندن تي رياست شيطان حڪومت ڪري رھي آھي؟ 
سعد: ھا بلڪل! 
عاقل ھاھاھاھا پٽ منهنجو خيال آھي توکي انھن کي غدار چوڻ گھرجي جيڪي رياست خدا جي قانون کي ٽوڙن ٿا٠ ۽ پيسي جي لالچ ۾ يا مال جي حرس ۾ رياست شيطان جي نظريـ تي ڪم ڪندا آھن٠ انھن مانھن جي ان ڪم جي وجھ سان اسان اھيو نـ ٿا چئي سگھون تـ رياست شيطان جي حڪمراني اچي وئي آھي ڇو رياست خدا جو وجود اڃان قائم آھي 
۽ توکي ھڪ مزي جي ڳالھ ٻڌايان خدا انسان کي آزادي ڏني آھي ليڪن رستا ٻـ ٺاھيا اٿس٠ ھڪ ليگل (قانون/ڀھلائي) ۽ ھڪ اليگل ( غير قانوني/برائي) آھي٠ ليڪن ڏس ڏس خدا جي آزادي ڪيڏي نـ عظيم آھي جيڪا ان اسان کي ڏني آھي تـ اسان ان مان بـ پاڻ چونديون يا خدا جي آئين جي پاسداري يا ان سان غداري٠ انعام چونڊيون يا سزا٠ خدا جو آئين طريقو ۽ حدود ڏي ٿو٠ جنھن ۾ پنهنجو بـ فائيدو آھي ۽ ان جي آئين سان غداري جو مطلب ھي آھي تـ اسان ان آئين ۾ درج ڪيل طريقي کي ڇڏي ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪنهن شئي کي اپنـايون٠ ۽ ڏس پٽ ڳالھ وڏي سڌي آھي ٻن رستن جا الگ الگ نالا آھن جنهن سان ان جي منزل جو اندازو ٿيندو آھي٠ برائي جي رستي جي منزل بري آھي ۽ ڀھلائي جي رستي جي منزل ڀلي آھي٠ ائين بـ سن راستن تي ھلڻ وارو مسافر يا تـ ڀھلائي جو مسافر سڏرائبو يا برائي جو٠

(منظر 3)

سليمـ ۽ عمار ھاڻي ٻئي ھڪ چشمي جي ڪناري تي ويٺا ھئا٠ سليمـ عمار سان مخاطب ٿي ڪري چئي ٿي ھي چشمي مان پاڻي واھدڙ ڏسي رھيو آھين؟ جڏھن تون ان کي بلڪل اتان پيندين جٿان چشمو وھي ٿو تـ ھي بلڪل تازو ۽ شفاف ھوندو ليڪن اچ توکي ھڪ ٻي جڳھ تي وٺي ھلان ٿي٠
سليمـ ٠ عمار کي ھڪ نمڪ جي پھاڙ تي وٺي ويندي آھي٠ 
۽ چوندي آھي ڏس ھي چشمو ھاڻي ھن نمڪ جي پھاڙ ۾ داخل ٿيندو تون ھاڻي ان جو پاڻي پي٠  
عمار: پاڻي بلڪل تازو ۽ ميٺو آھي٠
سليمـ: ھل ھاڻي توکي ٻيو ڪجھ ڏيکاريان ٿي٠
ھاڻي سليمـ: عمار کي وٺي ان جڳھ بيٺھي ھئي٠ جٿان کان چشمو نمڪ جي پھاڙ کي پار ڪري چڪو ھو٠
سليمـ: ھاڻي پاڻي پي عمار٠
عمار پاڻي پيندو آھي ۽ جواب ڏيندو آھي٠ پاڻي ھاڻي ڪوڙو ٿي ويو آھي٠
سليمـ: ھاڻي غور سان ٻڌ عمار٠ نـ پاڻي جي شڪل بدلي آھي نـ ئي ان جي حالت٠ ھو ڏسڻ ۾ تـ باظاھر ائين ئي لڳندو آھي جئين چشمي مان نڪرندي ھيو٠ ليڪن ان ۾ تبديلي آئي ھي ڳالھ توکي تڏھن سمجھ ايندي جڏهن تون ان کي پيندين٠
تـ تنهنجو اڄ جو سبق سادو آھي٠تـ تون ھاڻي زمين تي موجود چشمي جو پاڻي پي رھيو آھين جيڪو ھزارن نمڪ جي پھاڙن مان آيو آھي٠ ڇو جي تون شروع کان اھيو پاڻي پي رھيو آھين تـ تون ان کي ئي اصلي پاڻي سمجھندو آھين.پر ھاڻي تنهنجي دل ۾ شڪ پيدا ٿيا آھن٠ تـ آخر ڏسان تـ سھي ھي پاڻي اچي ڪٿان ٿو٠ ۽ ڇا ان جو اصل وجود اھيو ئي آھي؟ يا پوء ھي ملاوٽي آھي؟ تـ پٽ خدا جي تلاش بـ ائين ئي آھي٠ تنهنجي دمغ جيڪو چشمو آھي ۽ تنهنجي سوچ ڄڻ پاڻي جو چشمو آھي ھو ھاڻي پنهنجي اصلي سوچ ۾ ناھي رھيو٠ توکي ان جي اصل حالت معلوم ڪرڻ جي لاء توکي نمڪ جي پھاڙن جي پويان اچڻو پوندو٠ تڏھن تون سوچ جي اصليت معلوم ڪري سگھندين٠ ۽ جڏهن تون اصليت محسوس ڪرين تـ تڏهن توکي پاڻي جو رک بدلڻو آھي ڏس تون پنهنجو وجود ورھائيدين ھڪ اھو ئي زمين تي رھندو ۽ ٻيو اصل جي تلاش ۾ نمڪ جي پھاڙن جي پويان ايندو٠ جڏھن تون چشمي جي پاڻي کي نمڪ جي پھاڙن ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيندين٠ ۽ ان کي زمين تي پھچائڻ لاء ڪوئي صاف سٿرو رستو ڳولي لھندين ۽ جڏهن اھو صاف ۽ شفاف پاڻي تنهنجي زميني وجود تي پھچندو پوء ڏسجان تنهنجي خدا جي طرف شفر شروع ٿي ويندو 
پر پٽ اھيو ڪرڻ آسان ناھي چو جو جڏهن تون پاڻي جو رستو بدلائي رھيو ھوندين تنهنجي زميني وجود تي پاڻي نـ پھچندو ۽ اگر ھو زيادھ دير اڃايل رھيو تـ ھو مري ويندو٠ ۽ اگر ھو وجود مريو تـ تون بـ مري ويندين تـ پٽ پھرين پورو صاف رستو ٺاھيجان پوء ھن پاڻي جو رخ موڙجان ياد رکجان ان ڪم ۾ جلدي ناھي ڪرڻي ۽ دير بـ نـ٠
عمار: حيرت سان سليمـ جي طرف ڏسي رويو ھو٠ اچانڪ ھو سليمـ جي آواز سان ھوش جي دنيا ۾ واپس آيو٠
سليمـ: ليڪن اگر شروع ڪندين تـ نـ جلدي ڪرڻي آھي نـ دير

(منظر 4)

ھاڻي ھو پنهنجي سفر جي طرف روان ھو ٻـ ڏينهن ۽ ھڪ رات جي ڳالھ ھو پنهنجي ٻڌايل منزل تي پھچي ويو جٿي ھڪ ننڍي چيڪ پوسٽ ھئي ان اھو ليٽر ان پويٽ تي ڏيکاريو ٠ ان کان پوء ان کي آرام ڪرڻ لا۔ چيو ويو ۽ پوء ان جي اک تي پٽي ٻڌھي ڪري ان کي ٽيرينگ سيٽر تائين پھچايو ويو٠
ٽرينگ سينٽر پھچڻ کان پوء ان جي اکين کان پٽي ھٽائي وئي ان کان پھريون ھو آس پاس جو جائزو وٺي ھا اچانڪ ان جي منھن تي ڪنهن مڪ ھڻي چڏي ان کان پھرين جو ھو سنڀھلي ھا ھڪ ٻي لت ڪنھن ماريس ھو ھاڻي بري طرح زمين تي تڙپي پيو٠
۽ ان کي ڪنهن جي کلڻ واري آواز ۾ بس ايترو ئي ٻڌڻ ۾ آيو ويڪم ٽو دي ويلي آف ارگز (Welcome to the valley of Eagles) ان کان پوء ان پنهنجو پاڻ کي ننڍ جي گھري وادين ۾ پايو٠

(منظز 5)

خالد جي اکين مان جئين ئي پٽي ھٽي تـ ان پنهنجو پاڻ کي ھڪ وسيع ۽ عاليشان حال ۾ ھڪ ڪرسي تي موجود پايو٠ جتي شايد ٻيا بـ ماڻهو موجود ھئا ليڪن انديري جي وجـ سان ھو ڪنھن کي نـ پيو ڏسي سگھي اچانڪ ھڪ آواز حال ۾ گونجي اوھان سڀني کي خوش آمديد اوھان ان وقت دينا جي بھترين تنظيم جو حصو ٿيڻ وڃي رھيا آھيو٠ جيڪا ڪوڙ کان پري سچ جي پرستش ڪندي آھي جيڪا پنهنجي حق لاء وڙھندي آھي اوھان سڀنن کي اچڻ واري وقت ۾ بھتين تربيت ڪارون کان تربيت ڏياري ويندي٠ ۽ اوھان ھڪ عظيم مقصد جو حصو ٿينداؤ ۽ ھاڻي اوھان سڀي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سگھو ٿا جنھن جو نالو ورتو ويندو اھو پنهنجي جڳھ تان اٿي ڪري پنهنجي ڪمري جي طرف ھليو وڃي٠
ڪافي دير انتظار ڪرڻ کان پوء ان جو نالو پڪارو ويندو آھي ھو پنهنجي ڪمري ۾ پھچندو آھي تـ حيران تولي ويندو آھي ايترو عاليشان ۽ پروقار ڪمرو شايد اڄ تائين ان خوابن ۾ ئي ڏٺو ھو٠

(جاري آھي)٠

Comments

Popular posts from this blog

Yo y Dios (Episodio 1)

Yo y Dios (Episodio 12)